Book Name:Behtar Kon
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب ! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
صحابي ابن صحابي حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مڪي جي فتح واري ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مؤذن حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه کي حڪم ڏنو ته اهو ڪعبي شريف جي ڇت تي بيهي ڪري آذان چئي، سو حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه حڪم تي عمل ڪيو (حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه حبشه سان تعلق رکندڙ هو سندن رنگ مبارڪ به گورو نه هو ۽ کين مڪي مڪرمه ۾ ئي ڪافي عرصو غلامي جي زندگي به گذاري چڪو هو)، تنهنڪري کين ڪعبي شريف جي ڇت تي بيهي ڪري آذان ڏيندي ڏسي ڪري مڪي پاڪ جي ڪجهه سردارن سندن متعلق نازيبا گفتگو ڪئي. هيڏي هي مڪي پاڪ جا سردار نازيبا گفتگو ڪري رهيا هئا، هوڏانهن حضرت جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي