Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

ڏينهن جي آخري حصي ۾ ان کي ختم ڪري ته جيئن ڏينهن جي شروع کان آخر تائين پڙهڻ پڙهائڻ واري جي لاءِ ملائڪ استغفار ڪندا رهن.[1] 

ماڻهن مان سڀ کان چڱو ڪير آهي

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيري منبر مبارڪ تي جلوو فرما هئا ته هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه  عرض ڪيو: يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ماڻهن مان سڀ کان چڱو ڪير آهي؟ فرمايائون: ماڻهن مان اهو شخص سڀ کان چڱو آهي جيڪو ڪثرت سان قرآن ڪريم جي تلاوت ڪري.[2]

هي خوشبوئون ڪهڙيون آهن؟

حضرت امام ابنِ ابي الدنيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت مغيره بن حبيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان روايت ڪئي ته هڪ قبر مان خوشبو ايندي هئي. ڪنهن صاحبِ قبر کي خواب ۾ ڏسي پڇيو: اهي خوشبوئون ڪهڙيون آهن؟ جواب ڏنائين: تلاوت قرآن ۽ روزي جون.[3] 

توهان سڀني مان بهترين اهي آهن جيڪي
پاڪيزھ دل سچي زبان وارا آهن

رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهن مان بهترين اهي آهن جيڪي قلبِ مَحموم ۽ سچي زبان جا مالڪ آهن، جڏهن قلبِ محموم جي باري ۾ پڇيو ويو ته سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان مان مراد اها دل آهي جيڪا سرڪشي، حسد ۽ ٻين گناهن کان پاڪ هجي، عرض ڪيو ويو: اهڙي دل ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي رحمتِ ڪونين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: جيڪو شخص


 

 



[1] دارمی،کتاب فضائل القرآن،باب فضل من قرا القرآن،صفحہ:1013 ،حدیث:3319 ۔

[2] مسندِ امام احمد،جلد:11 ،صفحہ:290 ،حدیث:28196۔

[3] وسوعۃ الامام  ابن ابی الدنیا، جلد:1 ،صفحہ:305  ملتقطاً ۔