Book Name:Behtar Kon
چڱائي برائي جو معيار شريعت آهي
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت ڪريمه ۽ هن جي شانِ نزول مان معلوم ٿيو ته چڱائي برائي ڪاميابي ناڪامي، بهتري ۽ بدتري جو معيار رنگ روپ، نسل و نسب ۽ مال ۽ دولت وغيره ناهي بلڪ ان جو معيار تقوٰي آهي، هي هڪ اصول هميشه ياد رکو! چڱائي ۽ برائي عقلي ناهي بلڪ شرعي آهن. يعني چڱائي ڇا آهي، برائي ڇا آهي؟ اها ڳالهه اسان عقل سان طئي نٿا ڪري سگهون، چڱائي برائي جو معيار شريعت آهي، جنهن کي الله پاڪ ۽ سندن پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چڱو فرمائن، اهو چڱو، جنهن کي الله سندن رسول برو چئي اهو يقينًا برو آهي.
اڄڪلهه اسان وٽان چڱائي ۽ برائي جا معيار بدلجي ويا آهن * انسان ڪمائي گهڻو ٿو؟ * ڪم ڪهڙو ڪندو آهي؟ * ان جو ڪٽنب ڪهڙو آهي؟ * ڪيترو پڙهيل لکيل آهي؟ * انگلش ڪيتري ڳالهائي سگهي ٿو؟ * گاڏي ڪهڙي اٿس؟ وغيره هن طرح جي شين سان انسان جي چڱي يا بري هجڻ جي پهچان ڪئي ويندي آهي. حالانڪ چڱائي برائي جو معيار اهي شيون ناهن بلڪ چڱائي برائي جو معيار انسان جو ڪردار آهي، مان چڱو آهيان يا برو، ان جو فيصلو الله پاڪ ۽ ان جا پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائيندا، ان لاءِ مون کي پنهنجو پاڻ کي شريعت جي آئيني ۾ ڏسڻو پوندو، قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ پنهنجي ڪردار، پنهنجي گفتار، پنهنجي افعال و اخلاق جو جائزو وٺڻو پوندو.
اسان مان ڪير چڱو آهي؟ ڪير بهتر آهي؟ ڪائنات جي سڀ کان بهترين، سڀ کان بلند رتبه، سڀ کان افضل و اعلٰي يعني اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي الله پاڪ جا به محبوب آهن، سندن نگاههِ نبوت ۾ ڪير سڀ کان بهتر آهي؟ اچو! هن جي باري ۾ چند حديثون ٻڌون ٿا، هن حديثن جي روشني ۾ اسان کي پنهنجو جائزو وٺڻو آهي، جيڪڏهن اسان هنن فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ