Book Name:Behtar Kon
مفتي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث پاڪ جي هن حصي ”شيطان کي صفن جي ڪشادگي ۾ ٻڪري جي ٻار جيان گهڙندي ڏسان ٿو.“ جي حوالي سان فرمائن ٿا: خِنزَب شيطان جيڪو نماز ۾ وسوسو وجهي ٿو اهو صف جي ڪشادگي ۾ ٻڪري جي ٻار جي شڪل ۾ داخل ٿي نمازين کي وسوسو وجهندو آهي. هن مان ٽي مسئلا معلوم ٿيا: هڪ هيءُ ته شيطان مختلف شڪلون اختيار ڪري سگهي ٿو، ڏسو هن شيطان جي شڪل پنهنجي ته ڪجھ ٻي آهي پر اُن وقت ٻڪري جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. ٻيو هي ته ربّ تعاليٰ حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اها طاقت بخشي آهي جو خالق ڪائنات جي طرف متوجھ ٿيندي به هر مخلوق تي نظر رکن ٿا. ٽيون هي ته جڏهن شيطان جهڙي غيبي مخلوق سندن نگاھ کان غائب ناهي ته انسان پاڻ کان ڪيئن ٿا لڪي سگهن.[1]
(6): بهتر اهي آهن جن کي دير سان ڪاوڙ اچي ۽
جلدي ختم ٿي وڃي
حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي:
اَلَا وَ اِنَّ مِنْہُمْ اَلْبَطِیئَ الْغَضَبِ سَرِیْعَ الْفَیْئِ، وَ مِنْہُمْ سَرِیْعَ الْغَضَبِ سَرِیْعَ الْفَیْئِ، فَتِلْکَ بِتِلْکَ،اَلَا وَ اِنَّ مِنْہُمْ سَرِیْعَ الْغَضَبِ بَطِیْئَ الْفَیْئِ اَلَا وَ خَیْرُہُمْ بَطِیْئُ الْغَضَبِ سَرِیْعُ الْفَیْئِ اَلَا وَ شَرُّہُمْ سَرِیْعُ الْغَضَبِ بَطِیْئُ الْفَیْئِ
يعني ۽ آگاھ ٿي وڃو ته (ماڻهن ۾) ڪجھ اُهي آهن جن کي دير سان ڪاوڙ ايندي آهي ۽ جلدي ختم ٿي ويندي آهي ۽ بعض کي جلدي ڪاوڙ ايندي آهي جلدي ختم ٿي ويندي آهي ته هي ان جو بدلو آهي، ٻڌي وٺو! انهن مان ڪجھ کي جلدي ڪاوڙ ايندي آهي دير سان ختم ٿيندي آهي، ٻڌي وٺو! انهن مان بهتر