Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

(ڪاوڙ جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي غصي جو علاج جو مطالعو نهايت مفيد آهي)

(7) بهترين شخص اُهو آهي جيڪو قرض چڱي طرح ادا ڪري

نبي اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّ خِیَارَالنَّاسِ اَحْسَنُہُمْ قَضَاءً بهترين شخص اهو آهي جيڪو قرض چڱي طرح ادا ڪري.[1]

خوش دلي کان قرض ادا ڪيو

مشهور مفسِر قرآن، حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن مان ڪجھ مسئلا معلوم ٿيا هڪ هيءُ ته جيڪڏهن مقروض بغير شرط لڳائي قرض کان ڪجھ وڌيڪ  ڏئي ڇڏي  وصف (مثلاً: کوٽو جي جڳھ تي اصلي روپيو واپس ڪرڻ) جي زيادتي هجي يا تعداد (مثلاً: 30 روپئي جي بدران 40 روپيا واپس ڪرڻ) ۾ اهو وياج ناهي. وياج اهو آهي جيڪو قولاً يا عادتاً مشروط هجي. (مفتي صاحب وڌيڪ لکن ٿا:) ٻيو اهو ته (مقروض) قرض خواھ کي خوش دلي سان قرض ادا ڪري.[2]  

قرض چڱي نيت سان ادا ڪيو

   نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ماڻهن جو مال قرض وٺي جنهن جي ادا ڪرڻ جو پڪو ارادو رکي ته الله پاڪ ان کان ادا ڪرائي ڇڏي ٿو ۽ جيڪو ان کي برباد ڪرڻ جو اِرادو ڪري ته الله پاڪ ان تي بربادي وجهي ڇڏي ٿو.[3] 


 

 



[1] مسلم، کتاب المساقاۃ، باب من استسلف شیئا…الخ،صفحہ:622 ،حدیث:1600۔

[2] مراٰۃ المناجیح ، جلد:4 ،صفحہ:294

[3] بخاری، کتاب فی الاستقراض…الخ، باب من اخذ اموال الناس… الخ،صفحہ:615 ،حدیث:2387