Book Name:Behtar Kon
ڳوڙهو ان جي چهري جي ظاهري حصّي تائين پهچي الله تعاليٰ ان کي جهنّم تي حَرام ڪري ڇڏيندو آهي.[1]
خوف خدا سبب بيمار نظر ايندا هئا
منقول آهي ته حضرت داؤد عَلَيه السَّلَام کي ماڻهو بيمار خيال ڪندا هئا سندن عيادت ڪرڻ جي لاءِ ايندا هئا حالانڪه سندن هي حالت صرف خوفِ خدا جي سبب هوندي هئي.[2]
الله پاڪ اسان کي به خوفِ خدا جي نعمت نصيب فرمائي. ڪاش! اسان به معاشري جا بهترين انسان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو
پيارا اسلامي ڀائرو! مديني جو عشق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سا وابسته ٿي وڃو، ۽ ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ(يعني مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ) پڻ آهي.
اي عاشقانِ رسول! مسلمانن کي فجر جي نماز جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ داؤدي آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ