Book Name:Behtar Kon
(4) بهتر اهو شخص آهي جيڪو الله پاڪ جي طرف سڏي
حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: خِیَارُ اُمَّتِیْ مَنْ دَعَا اِلَی اللّٰہِ تَعَالٰی وَحَبَّبَ عِبَادَہُ اِلَیْہِ يعني منهنجي امت ۾ بهتر اهو شخص آهي جيڪو الله پاڪ جي طرف سڏي ۽ ماڻهن کي الله پاڪ جو محبوب بڻائي.[1]
(5) توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو
نماز ۾ نرم ڪلهي وارو هجي
حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: يعني توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو نماز ۾ نرم ڪلهي وارو هجي.[2]
مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪو شخص ضروري طور هڪ نمازي کي اڳتي پوئتي هٽائي ته هٽي وڃي يا جيڪڏهن ڪو ان کي نماز ۾ سڌو ڪري ته سڌي ٿي وڃي يا جيڪڏهن ڪو صف جي ڪشادگي بند ڪرڻ جي لاءِ وچ ۾ اچي ڪري بيهي وڃي ته اهو بيهڻ ڏي ، ڪجهه شارحين فرمايو ته ڪلهي جي نرمي مان عجز و انڪسار، خشوع و خضوع مراد آهي پر پهرين معنٰي وڌيڪ مضبوط آهي.[3]
رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: پنهنجون صفون سِڌيون ڪريو ڇوته صفون سِڌيون ڪرڻ نماز قائم ڪرڻ مان آهي [4]