Book Name:Behtar Kon
عبادت ڪندو رهيو، پوءِ هڪ عورت ان وٽ آئي ته اهو ان عورت وٽ آيو ۽ 6 راتيون ان سان گڏ رهيو، جڏهن ان کي پنهنجي هن عمل تي ندامت ٿي ته اهو ڊوڙندو مسجد ڏانهن آيو. اتي ان ڏٺو ته 3 بکايل شخص مسجد ۾ پناهه ورتل آهن، سو ان هڪ ماني ٽوڙي ڪري اڌ ساڄي طرف واري ۽ اڌ کاٻي طرف واري کي ڏئي ڇڏي. ان کان بعد الله پاڪ ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي موڪليو جنهن هن عبادت گذار جي روح قبض ڪري ڇڏي. جڏهن ان جي ميزان جي هڪ پلڙي ۾ 60 سال جي عبادت رکي وئي ۽ ٻئي پلڙي ۾ 6 ڏينهن جا گناهه ته اهي گناهه عبادت تي غالب اچي ويا پر جڏهن ماني رکي وئي ته اها انهن گناهن تي غالب اچي وئي.[1]
ہم نے مانا کہ گناہوں کی نہیں حد لیکن تو ہے اُن کا تو حسن تیری ہے جنت تیری
پيارا اسلامي ڀائرو! کاڌو کارائڻ جيان سلام جو جواب ڏيڻ به بهترين انسان هجڻ جي علامت آهي. افسوس! اڄڪلهه هن معاملي ۾ ڏاڍي سستي ۽ لاپرواهي ڪئي ويندي آهي، اوّل ته هاڻي سلام ڪيون ئي ڪڏهن ٿا؟ * هيلو * هاءِ * گڏ مارننگ وغيره چئي ڇڏيندا آهيون، حالانڪ اهو اسلامي سلام ناهي، اسلامي سلام اَلسَّلامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہ وَبَرَکاتُہ چوڻ آهي. جڏهن به ڪنهن سان ملاقات ٿئي ته اَلسَّلامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہ وَبَرَکاتُہ چئو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ثواب ملندو.
پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسلامي سلام سيکاريو
صحابي رسول حضرت ابو راشد عبد الرحمٰن رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان ننڍو هئس، هڪ ڀيري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته مون چيو: اَنْعِمْ صَبَاحاً (اهو عربي آهي، هن جو انگلش ترجمو بڻجندو: Good Morning) يعني