Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

جاڳائڻ سنّتِ حيدري ۽ سنّتِ فاروقي آهي بهرحال مسلمانن جا ٻيان خليفا، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه  نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندي مسجد تشريف کڻي ايندا هئا. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

مديني جي حاضريءَ جي سعادت ملي وئي

پنجاب جي علائقي الٰه آباد (ضلع قصور) جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مان دعوتِ اسلاميءَ جي ديني ماحول سان وابسته ته هئس پر ديني ڪمن جي سلسلي ۾ سُستي جو شڪار هئس، هڪ ڏينهن ذميدار اسلامي ڀاءُ مونکي سمجهائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ خاص طور فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ واري ديني ڪم جي خوب پابندي ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! منهنجو ذهن بڻجي ويو ۽ مان اڳئين ئي ڏينهن ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ شروع ڪيو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم ٿي ويو، قسمت جو تارو هيئن چمڪيو جو انهي سال مونکي مديني پاڪ جي حاضري جي سعادت نصيب ٿي وئي، ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو منهنجي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سعادت نصيب ٿي وئي.

عطائے  حبیبِ    خُدا    مدنی      ماحول                                      ہے فیضانِ غوث و رضا مدنی ماحول

سنور جائے گی آخرت  اِنْ شَآءَ اللہ!                                   تم اپنائے رکھو سدا مدنی ماحول

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حج ۽ عمرو موبائل ايپليڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي