Book Name:Behtar Kon
ٿيندو. هڪ شخص عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اڄ اوهان جي اُمت ۾ اهڙا ماڻهو ڪافي آهن. تنهن تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عنقريب منهنجي ڪجھ صدين کان بعد به هوندا.[1]
حضرت عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کان روايت آهي ته سرڪار مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اهو شخص ڪامياب نه ٿيندو جنهن جي عزت ماڻهو صرف سندس شر جي خوف سان ڪن.[2]
نبي اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي:
خِیَارُ اُمَّتِی فِیمَا اَنْبَأَنِی الْمَلَاُ الْاَعْلٰی لَقَوْمٌ یَضْحَکُونَ جَہْرًا فِی سَعَۃِ رَحْمَۃِ رَبِّہِمْ وَیَبْکُونَ سِرًّا مِنْ خَوْفِ شِدَّۃِ عَذَابِ رَبِّہِمْ وَیَذْکُرُونَ رَبَّہُمْ بِالْغَدَاۃ وَالْعَشِیِّ
يعني ملائڪن جيڪو مون کي ٻڌايو ان جي مطابق منهنجي امت ۾ بهترين ماڻهو اهي آهن جيڪي الله پاڪ جي رحمت جي وسعت ڏسي ڪري ماڻهن جي سامهون خوب خوش ٿيندا آهن. الله پاڪ جي خوف جي شدت جي بنياد تي لڪي ڪري روئيندا ۽ صبح ۽ شام الله پاڪ جو ذڪر ڪندا آهن.[3]
الله پاڪ کان خوف ۽ اميد ڪهڙي هجڻ گهرجي.
مسلمانن جي ڇوٿين خليفي حضرت علي المرتضي رَضِیَ اللهُ عَنْهَ پنهنجي شهزادي کي فرمايو: اي منهنجا پٽ! الله پاڪ کان اهڙي طرح خوف ڪر جو تنهنجي خيال