Behtar Kon

Book Name:Behtar Kon

آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلاميءَ جي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ جي طرفان مختلف موبائل ايپليڪيشنون جاري ٿي چڪيون آهن، انهن مان هڪ ايپليڪيشن آهي: hajj & umrah (حج ۽ عمره) به آهي. هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان حج ۽ عمري جو مختصر طريقو * حج ۽ عمري جا ضروري شرعي مسئلا وغيره ڄاڻي سگهندؤ * هن کان علاوه هن موبائل ايپليڪيشن ۾ حج ۽ عمري جون دعائون * حرمين شريفين مُقدَّس مقامات جي معلومات وغيره پڻ شامل آهي * هن موبائل ايپليڪيشن جو هڪ نهايت اهم فيچر هي آهي ته هن ۾ ٿري ڊي وڊيوز (3D Videos) جي ذريعي حج ۽ عمري جو عملي طريقو به سيکاريو ويو آهي. هن ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، هن مان فائدو وٺو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:

مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة

يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

دعا گھرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

  فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: اَلدُّعَاءُ سِلَاحُ المُؤۡمِنِ دعا مومن جو هٿيار آهي.[2]

اي عاشقانِ رسول! دعا گھرڻ سُنَّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي * اسان جا پيارا آقا


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح، ختایب الایمان، باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، الفصل الثانی، ۱/۵۵، حدیث :۱۷۵  

[2] مسند ابی یعلی، جلد:2، صفحہ:123، حدیث:1812۔343