Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

ويندي آهي، اسان کي ته موت جي ياد ايندي ئي ناهي، ايندي به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اها به بَس گهڙي کَن جي لاءِ. هاءِ! اسان جي دلين جو حال ڇا ٿيندو....!!

لاؤں وہ اشک کہاں سے جو سیاہی دھو دیں           گندگی میں مرا دِل حد سے بڑھاجاتا ہے

عارضی آفتِ دُنیا سے تو ڈرتا ہے دِل                 ہائے بےخوف عذابوں سے ہوا جاتا ہے([1])

هر شيءِ  فاني آهي

   صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي مبارڪ عادت هئي، پاڻ جڏهن پنهنجي دل ۾ نرمي جو اضافو ڪرڻ چاهيندا هئا ته ويران گهرن ڏي ويندا، انهن جي دروازن تي بيهي چوندا هئا: اَیْنَ اَہْلُکَ! يعني اي ويران گهرَ...!! تون ۾ رهڻ وارا ڪيڏانهن ويا؟ پوءِ پاڻ ئي جواب طور فرمائيندا هئا: الله پاڪ هميشه رهندو، باقي هر شيءِ فاني (Mortal) آهي. ([2])

جب اس بزم سے اٹھ گئے دوست اکثر               اور اٹھتے چلے جا رہے ہیں برابر

یہ ہر وَقْت پیشِ نَظَر جب ہے مَنْظَر                       یہاں پر تِرا دل بہلتا ہے کیوں کر

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                            یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

عقلمند ڪير...؟

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان موت کي ياد رکڻ وارا بڻجي وڃون، حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هڪ ڀيري بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو ويو: ڪهڙا مومن گهڻو عقلمند آهن؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ ۽ موت کان پوءِ جي لاءِ سُٺي تياري


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:432۔

[2]... مجموع رسائل  ابنِ رجب،ذم قسوۃ القلب،جلد:1،صفحہ:269۔