Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

اللہ اللہ کیے جانے سے اللہ نہ ملے                       اللہ والے ہیں جو اللہ سے ملا دیتے ہیں

هڪ نگاھِ ڪرم جي ڳالھ آهي

  مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  تفسيرِ نعيمي ۾ فرمائن ٿا: گناھن سان آهسته آهسته دل ميري ٿيندي آهي(مثال طور هڪ گناھ ڪيو ته دل تي هڪ ڪارو نقطو لڳي ويندو آهي، ٻيو گناھ ڪيو ته ٻيو نقطو لڳي ويندو آهي، ائين آهسته آهسته دل تي ڪٽ چڙهي ويندي آهي) ۽ ميري دل عبادت جي ذريعي آهسته آهسته صاف ٿيندي آهي پر نيڪ ٻانهن جي دشمني سان آهسته آهسته نه بلڪه يڪدم دل تي مهر لڳي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن نيڪ ٻانهي جي نگاھِ عنايت ٿي وڃي ته ميري دل يڪدم صاف سٿري چمڪدار ٿي ويندي آهي. ([1])

ان ڪري ته چوندا آهن:

یَکْ زمانہ صحبتِ بااَوْلیا                                        بہتر از صد سالہ طاعتِ بےریا

وضاحت: يعني سؤ سالن جي بي ريا عبادت هڪ پاسي، ڪنهن ڪامل ولي جي ڪجھ گهڙين جي صحبت هڪ پاسي، هي ولي جي صحبت جيترو جلدي اَثَر ڪندي آهي، عبادت اوترو جلدي اَثَر ناهي ڪندي. (خيال رهي! ان جو مطلب هي ناهي ته نماز، روزو ڇڏي ڪري بَس نيڪ ماڻهن جي صحبت ئي اختيار ڪيون، ان سان ته ابتو اثر ٿيندو، هونئن به نيڪ ماڻهن جي صحبت نمازين کي بي نمازي نه بلڪه بي نمازين کي نمازي بڻائيندي آهي).

فتح محمد نمازي بڻجي ويو

   ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڪستان جي مشهور اولياءِ ڪرام مان آهن، هڪ ڀيري سندن هڪ مُريد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو: سائين! منهنجو هڪ پٽ آهي: فتح محمد. مون ان کي وڏي شوق سان حافظِ قرآن بڻايو


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی،پارہ:1،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:7،جلد:1،صفحہ:158 خلاصۃً۔