Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف 

(ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  الله پاڪ جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو ٻانهو شوق ۽ محبت سان 3 ڀيرا ڏينهن  ۽ 3 ڀيرا رات جو مون تي دُرودِ پاڪ پڙهي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي ان ڏينهن ۽ رات جا گناھ معاف فرمائي ڇڏي. ([1])

   اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان ٿورو توجھ ڪيون ته خبر پوندي ته گناھ بخشرائڻ جو هي ڪيڏو پيارو ۽ آسان نسخو آهي، مثلاً صبح نمازِ فجر باجماعت ادا ڪيو، مٿو جهاڪيو، اکيون بند ڪيو ۽ سبز سبز گنبذ جو تصور ڪري 3 ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙهو، اهڙيءَ طرح رات جو سمهڻ وقت چاهي بستري تي ئي ويهي قبلي ڏانهن منهن ڪري، مٿو جهڪايو، اکيون بند ڪيو ۽ پياري پياري گنبذِ خضرا جو تصور ڪري 3 ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙهو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان ڏينهن ۽ ان رات جا گناھ معاف ٿي ويندا، خيال رهي! ڪبيره گناھ سچي توبھ سان ئي معاف ٿيندا آهن، ائين ئي قضا نمازون، قضا روزا، ٻانهن جا مالي،


 

 



[1]...معجم کبیر، جلد:8، صفحہ:69، حدیث:15316