Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

پاڪ جي بارگاھ ۾ دلائل ڏيندو، قرآن چوندو: اي ربِّ ڪريم! هر شخص دنيا ۾ پنهنجي ڪم جي مزوري وٺندو هو پر فلاڻو شخص، ڏينهن ۽ رات ۾ منهنجي تلاوت ڪندو هو، منهنجي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام ڄاڻيندو هو، اي ربَّ! اڄ ان کي اجر عطا فرماءِ. قرآنِ ڪريم جي عرض تي ان ٻانهي کي شاهي تاج ۽ ڪرامت جو لباس پارايو ويندو. پوءِ الله پاڪ قرآنِ ڪريم کي فرمائيندو: ھَلْ رَضَیْتَ ؟ (اي قرآن!) ڇا تون راضي آهين؟ قرآنِ ڪريم چوندو: اي ربّ! ان کان به افضل اجر عطا فرماءِ. هاڻي ان ٻانهي کي بادشاهت ۽ جنّت عطا ڪئي ويندي. پوءِ قرآنِ ڪريم کي چيو ويندو: ھَلْ رَضَیْتَ ؟ (اي قرآن!) ڇا تون هاڻي راضي آهين؟ قرآنِ ڪريم چوندو: ها!، اي ربَّ (هاڻي مان راضي آهيان).([1])

تلاوت کا جذبہ عطا کر اِلٰہی!                         معاف فرما میری خطا ہر اِلٰہی!

قرآنِ پاڪ جي تلاوت افضل ترين عمل آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! قرآنِ پاڪ جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل آهن. ڪاش! اسان کي به قرآن جو شوق نصيب ٿي وڃي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَفْضَلُ عِبَادَۃِ اُمَّتِیْ قِرَاءَۃُ الْقُرْآنِ قرآنِ ڪريم منهنجي امّت جي افضل ترين عبادت آهي. ([2])

دے شوقِ تلاوت، دے ذوقِ عبادت                 رہوں  باوُضُو  میں  سدا  یا اِلٰہی! ([3])

الله پاڪ جو قرب ڏيارڻ  واري نيڪي

  حضرت فَرۡوَه بن نوفَل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان حضرت خَبّاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو


 

 



[1]... شُعَبُ الایمان، جلد:2، صفحہ:345، حدیث:1991۔

[2]... شُعَبُ الایمان ، جلد:2، صفحہ:354، حدیث:2022۔

[3]... وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔