Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

ڪرڻ وارا، اهي ئي ماڻهو گهڻو سمجهدار آهن. ([1])

دِلا غافل نہ ہو یکدم، یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے                        بغیچے چھوڑ کر خالی، زمین اندر سمانا ہے

تُو اپنی موت کو مت بھول، کر سامان چلنے کا                   زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے

جہاں کے شغل میں شاغل، خدا کے ذکر سے غافل            کرے دعویٰ کہ یہ دنیا، مِرا دائم ٹھکانا ہے

  الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان موت کي ياد ڪرڻ وارو بڻائي. موت کي ياد ڪنداسين، باربار موت جي طرف توجھ ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل جي ڪٽ دور ٿيندي ۽ آخرت جو فڪر نصيب ٿيندو.

(4)   صالحين جي صحبت

  پيارا اسلامي ڀائرو! دل جي ڪٽ دور ڪرڻ جو چوٿون ۽ عملي طور تي سڀني کان گهڻو اَثر ڪندڙ (Effective) طريقو نيڪ صحبت آهي. الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن وٽ اٿڻ ويهڻ، انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ، انهن جي طرف محبت سان ڏسڻ ۽ انهن جي سيرت اپنائڻ جي برڪتن سان ايترو جلدي دل جي ڪٽ دور ٿيندي آهي جو جنهن جو ڪو جواب ناهي.

دل جي سختي جو   نرالو  علاج

   حضرت جعفر بن سليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان جڏهن به پنهنجي دل ۾ سختي ڏسندو هيس ته صبح سَويرَ حضرت محمد بن واسِع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويندو هيس، ان جي برڪت سان مون کي فائدو پهچندو هو. ([2])


 

 



[1]... ابنِ ماجہ ،کتاب:الزہد،باب :ذکر الموت و الاستعداد لہ ،  صفحہ:690،حدیث:4259۔

[2]... حِلْیَۃُ الْاَوْلیاء، جلد:2، صفحہ:395۔