Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

الله ڪيو! الله جو ذڪر فقير (پينوءَ) کي بادشاھ بڻائي ڇڏيندو آهي، خلاصو هي آهي ته ذِڪرُ الله ايمان جو زيور آهي، جيڪو الله جي ذڪر ۾ ديوانو ٿي وڃي، عرش ۽ ڪرسي ۽ تمام طبقات انهن جي قدمن هيٺ هوندا آهن.

   الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان ذِڪرُ الله ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

(2)  تلاوتِ قرآن

  پيارا اسلامي ڀائرو! دل جي ڪٽ دور ڪرڻ وارو ٻيو نيڪ عمل آهي: قرآنِ ڪريم جي تلاوت. قرآنِ ڪريم ۾ غور ۽ فڪر ڪندي، پوري توجھ سان، تلاوت جي ظاهري ۽ باطني آدابن جو خيال رکندي تلاوت ڪئي وڃي، تلاوت ڪرڻ وارو تلاوت جي وقت هي تصور ڪري ته قرآنِ ڪريم جي نورانيت منهنجي دل ۾ داخل ٿي ڪري دل جي ڪَٽُ ڌوئي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو شخص انهن حسين تصورات سان، تلاوت جي آداب جو لحاظ رکندي قرآنِ ڪريم پڙهندو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي دل جي ڪَٽُ (Rust) نهايت تيزيءَ سان دور ٿيندي.

   الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اچو! تلاوتِ قرآن جا فضائل ٻڌو ٿا:

قيامت جي ڏينهن تلاوت ڪرڻ واري تي رحم

  پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ٻانهو ڏينهن رات ۾ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندو آهي، قرآنِ ڪريم جي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام ڄاڻيندو آهي، الله پاڪ ملائڪن کي ان جو رفيق (يعني ساٿي) بڻائي ڇڏيندو آهي. جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، قرآنِ ڪريم ان ٻانهي جي لاءِ الله