Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

دل جي اصلاح تي توجھ ڏيو!

  پيارا اسلامي ڀائرو! * دل ئي اصل سرمايو آهي * اها ئي اصل زندگي آهي  * دل ئي الله پاڪ جي نظر جو مقام آهي * دل جي پاڪائي ڪاميابي (Success) جو ذريعو آهي * ان جي بدولت ئي الله پاڪ جي معرفت حاصل ٿيندي آهي، اسان کي گهرجي ته اسان دل جي صفائي سٿرائي تي توجھ ڏيون، دل کي گناھن جي ميراڻ کان بچايون، باطني گناھن کان دل پاڪ ڪيون، بغض ۽ ڪينو، بدگماني، دنيا جي محبت، مال جي محبت، غرور، تڪبر، حسد وغيره اهڙين ناپاڪين کان دل کي محفوظ رکون، الله پاڪ اسان کي دل جي پاڪائي نصيب فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

زِندگی زِندہ دِلی کا نام ہے                                    مردہ دِل کیا خاک جیاکرتے ہیں

دل جي سختي جا ڪجھ سبب

  اي عاشقانِ رسول! دل سخت ٿيڻ ۽ ان تي ميراڻ چڙهڻ جا کوڙَ سبب (Reasons) آهن: جيئن * فضول ڪلامي (يعني بنا ضرورت جي ڳالهائيندو رهڻ) سان دل سخت ٿيندي آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ذِڪرُ الله کان علاوه گهڻو ڪلام نه ڪيو! بيشڪ گهڻيون ڳالهيون ڪرڻ دل کي سخت ڪري ڇڏيندو آهي. ([1]) * ائين ئي گهڻو کِلڻ سان دل سخت ٿيندي آهي، حديث شريف ۾ آهي: اِنَّ کَثْرَۃَ الضَّحَکِ تُمِیْتُ الْقَلْبَ بيشڪ گهڻو کِلڻ دل کي مُرده (Dead) ڪري ڇڏيندو آهي۔([2]) * ائين ئي گهڻو کائڻ، خاص ڪري حرام حلال


 

 



[1]... ترمذی، کتاب الزہد،باب ما جاء فی حفظ اللسان، صفحہ:573، حدیث:2411۔

[2]... ابنِ ماجہ،کتاب الزہد،باب الحزن و البکاء،صفحہ:681،صفحہ:4193۔