Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

آهن، جيڪڏهن بادشاھ (King) نيڪ هجي ته لشڪر به نيڪ ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن بادشاھ بگڙجي وڃي ته پورو لشڪر بگڙجي ويندو آهي. ([1])

دِل ہائے گُناہوں سے بیزار نہیں ہوتا                 مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کوشش اِصْلاح نہیں ہوتی                   پاکیزہ گُنَاہوں سے کِردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے              دِل آہ! مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت لُقمان حڪيم جي حڪمت ڀَري ڳالھ

 حضرت لُقمان حڪيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت عقملند ۽ داناءُ، نيڪ، پرهيزگار، ڪامل ولي هئا، قرآنِ ڪريم ۾ سندن ذڪر آيو آهي بلڪه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نالي سان هڪ پوري سورت ”سورة لُقمان“ قرآنِ ڪريم ۾ آهي. حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زندگي جو ڪجھ عرصو غلامي ۾ گذريو هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي دنياوي آقا چيو: ٻڪري ذبح ڪري ان جا سڀ کان بهترين (Finest) 2 حصا کڻي اچو. پاڻ ٻڪري ذبح ڪيائون ۽ ان جي زبان ۽ دل ڪڍي کڻي آيا. ڪجُھ ڏينهن کان بعد آقا ٻيهر چيو: ٻڪري ذبح ڪري ان جا سڀ کان بدترين (Worst) 2 حصا کڻي اچو. حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وري ٻڪري ذبح ڪئي ۽ وري به ان جي زبان ۽ دل کڻي ڪري حاضر ڪيائون، آقا ان جو سبب پڇيو (ته پهريان بهترين حصا آڻڻ جو چيو، تڏهن به اوهان زبان ۽ دل ئي آندا،  هاڻي بدترين حصا آڻڻ جي لاءِ چيو ته اوهان زبان ۽ دل ئي آندا ان جو  ڇا سبب  آهي؟) ان تي حضرت لقمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: جيڪڏهن زبان ۽ دل صحيح هجن ته هي سڀ کان بهتر (Better) آهن ۽


 

 



[1]... جامع العلوم والحكم، صفحہ:83-84بتغیر قلیل

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:163ملتقطًا۔