Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

باطني طهارت ڪٿي آهي؟

   حضرت ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مشهور ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، پاڻ وضو ڪري رهيا هئا، اوچتو غيب مان آواز آيو: اي شبلي! ظاهري پاڪائي ته حاصل ڪري ورتي، باطني طهارت (يعني دل جي پاڪائي) ڪٿي آهي؟ ان غيبي آواز سندن دل تي گهرو اَثَر (Effect) ڪيو، پاڻ فوراً گهر آيا ۽ پنهنجي سڄي جائيداد (Property)، مال ۽ دولت راھِ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون، صرف نماز پڙهڻ جي لاءِ ضروري ڪپڙا پاڻ وٽ رکيا. هڪ سال پاڻ ائين گذاريائون. پوءِ سيّدُ الطّائفه (يعني ولين جي سردار) حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ فرمايائون: اي شبلي! جيڪا طهارت اوهان اختيار ڪئي، اها تمام فائدي مند (Beneficial)  آهي. ([1])

عَفْوْ و رَحمت کا بخشش کا سائِل                                  ہوں نہایت گنہگار و غافل

میرا سب حال تجھ پر کھلا ہے                                  یاخدا! تجھ سے میری دُعا ہے

ہوں بظاہِر بڑا نیک صورت                                    کر بھی دے مجھ کو اب نیک سِیرت

ظاہِر اچھا ہے باطِن بُرا ہے                                    یا خدا! تجھ سے میری دُعا ہے([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان! اسان جا بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪهڙي نه ڪهڙي طريقي سان الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش (Efforts) ڪندا رهندا هئا، حضرت ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دل مان دنيا جي


 

 



[1]... کَشْفُ الْمَحْجُوب،صفحہ:426 بتغیر قلیل

[2]... وسائلِ بخشش،صفحہ:135 ۔