Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

هجن ها پر حقيقت (Reality) هي آهي ته ربِّ ڪريم انهن کي ملندو آهي، جن جي نيّت سچي ۽ دل پاڪ هوندي آهي. ([1]) شيخُ الاسلام حضرت بابا فريد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ ۽ ٻانهي جي وچ ۾ حِجاب (يعني رڪاوٽ يا پردو) صرف دل جي ناپاڪي جو آهي، جيڪڏهن هي حِجاب کَڄي وڃي (يعني دل پاڪ ٿي وڃي) ته ٻانهي کي الله پاڪ جو قُرب نصيب ٿي ويندو آهي. ([2])

پاک ہووَیں تَے پاک مِلے، بِنْ پاکَوْں پَاک نئیں مِلدا

سارے جِسْم دے دَھْوَنْ نالَوْں تُوں دَھو لے ٹکڑا دِل دا

وضاحت: الله پاڪ آهي، پاڪ ماڻهن کي ئي پنهنجي قُرب سان نوازيندو آهي، ظاهري پاڪائي کان وڌيڪ دل جي پاڪائي تي گهڻو توجھ ڪيو! ته جيئن توهان کي الله پاڪ جو قرب حاصل ٿي وڃي.

دِل بادشاه آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! دل اسان جو سڀ کان قيمتي (Precious) عضوو آهي، عِلم، عَمل، اخلاق، ڪردار، عقل ۽ دانائي، عزت ۽ بزرگي، انهن سڀني جو تعلق دل سان ئي آهي، سائنسدانن (Scientists) جي ويجهو اسان جي جسم کي اسان جو دماغ حڪم (Command) ڏيندو آهي، اسان پنهنجي آڱر کي ٿوري به حرڪت (Movement) ڏيندا آهيون ته ان جي لاءِ دماغ آڱر کي حڪم ڏيندو آهي، تڏهن ئي آڱر حرڪت ڪندي آهي، جيڪڏهن دماغ حُڪمَ ڏيڻ ڇڏي ڏي ته اسان جو سڄو جسم مفلوج (Paralyze) ٿي وڃي ائين ئي روحاني اعتبار سان اسان جي سڄي جسم جي ڪمانڊ (Command) اسان جي دل وٽ آهي، اسان جي دل


 

 



[1]... ابیاتِ باہوکامل،صفحہ:187خلاصۃً

[2]... ہشت بہشت، اسرا رالاولیاء، صفحہ:30 بتغیر قلیل