Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَایَزَالُ لِسَانُکَ رَطْبًا مِّنْ ذِکْرِ اللّٰہِ عَزَّوَ جَلَّ يعني تنهنجي زبان هميشه الله پاڪ جي ذڪر سان تَر رهي. ([1])

    مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: غالِباً سائِل (يعني سوال پڇڻ واري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه) جو سوال نوافل جي متعلق هو (ته يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! نفلي عبادتون کوڙَ ساريون آهن، انهن مان ڪا هڪ عبادت ٻڌايو جنهن کي مان مضبوطيءَ سان پڪڙي رکان) ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي جواب ڏنو، مقصد هي آهي ته هر وقت زبان تي ذِڪرُ الله جاري رهي. الله پاڪ اهڙي زندگي نصيب ڪري. ([2])  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

ٻليءَ سچ چيو

   شيخ ابو الحسن نُوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ۽ ڪامل ولي هئا، پري پري تائين سندن ولايت جا چرچا هئا، ماڻهو برڪت جي لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿي فيض ماڻيندا هئا. هڪ ڀيري 2 دَرويش سندن کان ملاقات جي لاءِ نڪتا، انهن مان هڪ درويش جانورن جي ٻولي سمجهندو هو، جڏهن هي ٻئي شيخ ابو الحسن نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي شهر ۾ پهتا ته ڏٺائون: 2 ٻليون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون آهن. درويش ٻلين جي ڳالھ ٻڌي ۽ غمگين ٿي ڪري اِنَّا لِلّٰہِ  وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهيو. ٻي درويش معاملو پڇيو ته چيائون: هڪ ٻلي ٻيءَ کي چئي رهي هئي: شيخ ابو الحسن نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وفات ڪري ويا آهن. ٻنهي کي ڏکُ ٿيو، خير! ايڏو پري کان آيا هئا، سوچائون هاڻي جنازي ۾ ئي شرڪت ڪري وٺنداسين، جيئن ته هي ٻئي شيخ ابو الحسن نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي گهر پهتا.


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب الادب، باب فضل الذکر، صفحہ:608، حدیث:3793۔

[2]... مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:321ملتقطًا۔