Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

پر اهو نماز نه ٿو پڙهي. ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ان کي اسان وٽ وٺي اچجو. جيئن ته مُريد 2 ڏينهن کان بعد پنهنجي پٽ کي گڏ وٺي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: حُضور! فتح محمد حاضر آهي. ميان شير محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  نهايت پيار سان پڇيو: فتح محمد! نماز ڇو نه ٿو پڙهين؟ عرض ڪيائين: نماز ۾ منهنجي دل ناهي لڳندي، جيڪڏهن  نماز پڙهائڻي آهي ته دل لڳائي ڇڏيو.

   ميان شير محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه چٽائي (نُکَ) تي ليٽيل هئا، فتح محمد جي ڳالھ ٻڌي ڪري جوش ۾ اٿي ويٺا ۽ ڪلمي جي آڱر سان ان جي دل جي طرف اشارو ڪري فرمايائون: وڃ! هاڻي دل لڳندي. بَس الله پاڪ جي ڪامل ولي جو ايترو چوڻ هو، هاڻي فتح محمد جي هيءَ ڪيفيت هئي جو ظهر جي نماز شروع ڪندو هو ته عصر تائين ظهر ئي مڪمل ٿيندي هئي، عشاء جي نيّت ڪندو هو   ته فجر ٿي ويندي هئي. ([1])

طیبہ سے منگائی جاتی ہے، سینوں میں چھپائی جاتی ہے

تَوحید کی مَے پیالے سے نہیں، نظروں سے پِلائی جاتی ہے

 الله پاڪ اسان کي اولياءِ ڪرام سان محبت ڪرڻ انهن جي نگاھِ ڪرم جو طلبگار رهڻ ۽ بَس نيڪ صحبت ئي اختيار ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

دل جي سختي جا 3 روحاني علاج

   شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي ڪتاب مدني پنج سوره ۾ لکن ٿا: (1): جيڪو به هر نماز کان بعد 100 ڀيرا يَااللهُ پڙهي، اِنْ شَآءَاللہ الْکَرِیْم! ان جو باطن ڪشادو ٿيندو (2): جيڪو روزانو نمازِ فجر کان بعد هٿ سيني تي رکي ڪري


 

 



[1]... مواعظِ نعیمیہ، صفحہ:316-317۔