Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

جي نظر جو مقام آهي. حديث شريف ۾ آهي:

اِنَّ اللهَ لَا يَنْظُرُ اِلٰی اَجْسَادِكُمْ، وَلَا اِلٰى صُوَرِكُمْ، وَلَكِنْ يَنْظُرُ اِلٰى قُلُوبِكُمْ

يعني بيشڪ الله پاڪ توهان جي جسمن ۽ صورتن کي نه بلڪه الله پاڪ ته توهان جون دليون ڏسندو آهي. ([1])

 امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو: دِل رَبُّ الْعَالَمِیْن جي نظر جو مقام آهي، تعجب آهي ان شخص تي جيڪو ظاهر کي سنوارڻ جو اهتمام ڪري، پنهنجو ظاهر ڌوئي، مَرُ مٽي پري ڪري ته جيئن ماڻهو ان جي ڪنهن ظاهري عيب کي نه ڏسي سگهن پر دل جي صفائي جو اهتمام نه ڪري جيڪا رَبُّ الْعَالَمِیْن جي نظر جو مقام آهي...!! ([2])

پھُلاں دا تُوں عِطر بنا                                                                                                                                                              عطراں دا فیر کڈھ دریا

دریا وِچ فیر رَج کے نہا                                                                                                                                                 مچھلیاں وانگوں تاریاں لا

وضاحت: گُلن جو عطر بڻايو، عطر جو دريا جاري ڪيو، دريا ۾ مڇين جيان ترندا رهو، پوءِ به توهان جي اندر جي بدبو ختم نه ٿيندي. پهريان پنهنجيمان  ختم ڪيو (يعني باطن صاف سٿرو ڪيو).

الله پاڪ جي قُرب جو حقدار ڪير آهي؟

   سلطانُ العارفين، شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن وهنجڻ ڌوئڻ سان ربُّ ڪريم ملي ها ته مڇيون (Fishes) سڀني کان وڌيڪ ربِّ ڪريم جي قُرب جون حقدار هجن ها، جيڪڏهن ربِّ ڪريم سُٺا وارَ ٺهرائڻ جي ذريعي ملي ها ته رڍن ٻڪرين جا وارَ گهڻا هوندا آهن، اهي الله پاڪ جون وڌيڪ مُقرب


 

 



[1]... مسلم، کتاب البر والصلۃ، باب تحریم  ظلم المسلم…الخ، صفحہ:995، حدیث:2564

[2]... منہاج العابدین، صفحہ:175 -176