Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

محبت ڪڍڻ، دل سان الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهڻ ۽ دل کي محبتِ الهي جي لائق بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو سمورو مال، سڄي دولت، جائيداد (Property) سڀ ڪجھ راھِ خُدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيو.

سچ ہے کہ انسان کو کچھ کھو کے مِلا کرتا ہے             آپ  کو  کھو کے تجھے پائے گا جُویا تیرا ([1])

وضاحت: هي حقيقت آهي ته ڪجھ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ وڃائڻو پوندو آهي، اي الله پاڪ! تنهنجو چاهڻ وارو پاڻ کي مِٽائي ڪري ئي توکي ماڻي سگهي ٿو.

الله پاڪ دل ڏسندو آهي

   اسان به غور ڪيون! * اسان جي باطني طهارت (يعني دل جي پاڪائي) ڪٿي آهي؟  * اسان وهنجندا به آهيون  * ڌوئيندا به آهيون  * ظاهري جسم کي سنوارڻ جي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪندا آهيون  * اسان ننڊ مان اٿي ڪري جيستائين منهن نه ڌوئي وٺون، گهران نڪرڻ پسند نه آهيون ڪندا  * ڪپڙا ميرا هجن ته ماڻهن جي سامهون ويندي اسان کي شرم  ٿيندو آهي، اڄ اسان جي معاشري جا ڪيئي نوجوان هزارين روپيا صرف وارن جي اسٽائل ٺهرائڻ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، انهن فيشنز (Fashions) تي ڪيترائي روپيا خرچ ٿيندا آهن، وقت به لڳندو آهي پر ماڻهو هي سڀ ڪندا آهن، ڇو؟ ان ڪري ته جيئن مان سُٺو نظر اچان ۽ مون کي ڏسي ڪري ماڻهو منهنجي تعريف (Appreciation) ڪن. پر افسوس! * دل ميري آهي  * دل تي گناھن جي ڪاراڻ چڙهيل آهي  * دل ۾ بُرا خيالات آهن  * بدگمانيون  * تڪبر، غرور آهي  * دل ۾ حسد جي باھ ٻري رهي آهي، اسان کي ان جو ذرو به فڪر ناهي ٿيندو حالانڪه دل ربِّ ڪريم


 

 



[1]... ذوقِ نعت،صفحہ:21