Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

پاڙيسري هيس، هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي مسجد جي طرف ويس، پاڻ منهنجو هٿ پڪڙي ڪري فرمايائون: اي شخص! جيترو ٿي سگهي الله پاڪ جو قرب حاصل ڪر! پوءِ پاڻ ئي فرمايائون: الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جو سڀ کان پسنديده طريقو ان جو ڪلام (يعني قرآنِ مجيد) آهي. ([1])

الٰہی! خوب ديدے شوق قرآں کی تلاوت کا                   شرف دے گنبد ِخضرا کے سائے میں شہادت کا

قرآن  الله پاڪ جي مضبوط رسي آهي

   مسلمانن جي چوٿين خليفا اميرُ المؤمنين حضرت عليُ المُرتضٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عنقريب فتنا ٿيندا. مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! انهن کان بچڻ جو ڇا طريقو آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ جو ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم). پوءِ فرمايائون: * قرآنِ ڪريم ۾ توهان جي اڳين پٺين جون خبرون آهن * قرآنِ ڪريم ۾ توهان جي هڪٻئي جا فيصلا آهن * جيڪو ظالم قرآنِ ڪريم کي ڇڏي ڏيندو، الله پاڪ ان کي تباھ ڪري ڇڏيندو * ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم کان علاوه ڪٿي ٻئي پاسي کان هدايت ڳوليندو، الله پاڪ ان کي گمراھ ڪري ڇڏيندو * قرآنِ ڪريم الله پاڪ جي مضبوط رسي آهي * قرآنِ ڪريم حڪمت وارو ذڪر آهي * قرآنِ ڪريم سڌو رستو آهي * قرآنِ ڪريم جي برڪت سان خواهشون مٽجنديون آهن * قرآنِ ڪريم جا عجائبات ختم ناهن ٿيندا * جيڪو قرآنِ ڪريم جي مطابق ڳالھ ڪري، اهو سچو آهي * جنهن قرآنِ ڪريم تي عمل ڪيو، اهو ثواب ماڻيندو * جيڪو قرآنِ ڪريم جي مطابق فيصلو ڪري، اهو انصاف ڪرڻ وارو هوندو * ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم جي طرف سڏي، ضرور اهو سڌي واٽ جي طرف سڏڻ


 

 



[1]... شُعَبُ الایمان ، جلد:2، صفحہ:354، حدیث:2020۔