Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

(Wonders) کي ڏسڻ * ان جي ذريعي الله پاڪ جو شان ۽ عظمت (Gloriousness) ۽ قدرت جي متعلق غور ڪرڻ، هي اکين جو ذڪر آهي * ذِڪرُ الله ٻڌڻ ڪنن جو ذڪر آهي * دل سان الله پاڪ جي ياد ۾ مصروف رهڻ دل جو ذڪر آهي * نعتِ مصطفٰي پڙهڻ، ٻڌڻ به ذڪر آهي * الله پاڪ جي محبوب ٻانهن جون ڳالهيون ڪرڻ * انهن جو ذڪرِ خير ٻڌڻ * انهن جي سيرت (Biographies) پڙهڻ هي به ذڪر آهي. حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه، فرمائن ٿا: ذِڪرُ الله بالواسطه به هوندو آهي ۽ بلاواسطه به، الله پاڪ جي ذات ۽ صفات جو تذڪرو يا انهن متعلق سوچ ويچار ڪرڻ بلاواسطه ذِڪرُ الله آهي، ان جي محبوبن جو محبت سان چرچو ڪرڻ بالواسطه الله جو ذڪر آهن، ڏسو! سڄو قرآن ذِڪرُ الله آهي پر ان ۾ ڪٿي ته خدا جي ذات ۽ صفات جو ذڪر آهي، ڪٿي حُضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اوصاف ۽ تعريفون. ([1]) ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت بهترين ذڪر آهي، معلوم ٿيو: هي سڀ ڳالهيون ذڪر ۾ شامل آهن.

   بهرحال! هي تمام ذڪرُ الله جون صورتون (Types) آهن، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان هر وقت ئي ڪهڙي نه ڪهڙي طرح ذِڪر ۽ فِڪر ۾ مصروف رهون.

غلام کي بادشاه بڻائڻ وارو  عَمل

  مشهور صوفي بزرگ حضرت مولانا روم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا:

گَرْ تُوْ خَوَاہِی زِیْسْتَنْ بَاآبْرُوْ                                                                                                         ذِکْرِ اُوْ کُنْ ذِکْرِ اُوُ کُنْ ذِکْرِ اُوُ

ہَرْ گَدَا رَا ذِکْرِ اُوْ سُلْطَاں کُنْدْ                                                                                              ذِکْرِ اُو بَس زَیْوَرِ اِیْمَاں بَوَد

ہَرْ کِہْ ِدیْوَانَہ بَوَدْ دَرْ ذِکْرِ حَقْ                                                                                                  زِیْرِ پَائِشْ عَرْشْ وکُرْسِی نُہ طَبَق

مفهوم: باعزت زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته ذِڪرُ الله ڪيو! ذِڪرُ الله ڪيو! ذِڪرُ


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:304 ملتقطًا۔