Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

جي پرواھ ڪرڻ بغير کائيندو وڃڻ دل کي مُرده ڪري ڇڏيندو آهي * ۽ دل سڀني کان وڌيڪ نقصان ڏيڻ واري شيءِ گناھ آهي. گناھ ننڍو هجي يا وڏو دل تي بُرو اثر (Bad Effect) وجهندو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

کَلَّا بَلۡ ٜ   رَانَ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ  مَّا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ (۱۴)  (سيپارو: 30، سورة مُطَفِّفين: آيت: 14)

ترجموڪنزالعرفان: (ائين) هرگز نه (آهي) بلڪه انهن جي ڪيل عملن انهن جي دلين تي ڪٽ چاڙهي ڇڏيو آهي.

 

دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد                                     کوئی ایسی ہَوا چَلا یارَبّ!

نفس و شیطان ہو گئے غالِب                               ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ!

نِیْم جاں کر دیا گُنَاہوں نے                                   مرضِ عصیاں سے دے شِفایا رَبّ!

واسطہ میرے پیر و مرشِد کا                                 مجھ  کو   تُو  متقی  بنا   یارَبّ! ([1])

دِل جي  ڪَٽُ دور ڪرڻ جا 4 طريقا

  پيارا اسلامي ڀائرو! دل تي ڪٽُ چڙهي وئي هجي، دل ميري ٿي وئي هجي ته ان جي علاج (Treatment) جي لاءِ * فضول ڳالهائڻ کان پرهيز ڪيو! * گهڻي کِلڻ کان بچو بلڪه مُسڪرائڻ سنّت آهي، مُسڪرائڻ گهرجي، وات ڦاڙي   ٽهڪ ڏيڻ کان بچڻ بهتر آهي * گهڻو کائڻ کان بچو ۽ * سڀ کان اهم ڳالھ ته گناھ ڇڏي ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل صاف ٿي ويندي.

   اچو! دل جي ڪٽ دور ڪرڻ جا 4 طريقا ٻڌون ٿا:


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:79-81 ملتقطًا۔