Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

هٽي ويندو آهي. ([1])

ذِکر و درود ہر گھڑی وردِ زباں رہے                                میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو ([2])

ذِڪرُ الله ڪرڻ جو قرآني حڪم

  اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غفلت گناھن ۾ پوڻ ۽ دل تي ڪٽ چڙهڻ جو اهم سبب آهي، جيڪو غافل ٿي وڃي، شيطان ان جي دل تي ڇائنجي ويندو آهي ۽ وڏي آساني سان ان کي گناھ جي کَڏ ۾ ڪِيرائي ڇڏيندو آهي، تنهنڪري جيترو ٿي سگهي، ڪثرت سان ذِڪرُ الله ڪرڻ جي عادت (Habit) بڻائڻ گهرجي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَاالَّذِیۡنَ  اٰمَنُوا اذۡکُرُوا اللّٰہَ  ذِکۡرًا کَثِیۡرًا(ۙ۴۱)  (سيپارو: 22، سورة اَحزاب: آيت: 41)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله کي تمام گهڻو ياد ڪيو.

  رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله جو ذِڪرُ ايترو ڪثرت سان ڪيو جو ماڻهو توهان کي ديوانو چون. ([3])

زبان ذِڪرُ الله سان تَر رکو...!!

 هڪ ڀيري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اِنَّ شَرَائِعَ الْاِسْلَامِ قَدْ کَثُرَتْ عَلَیَّ يعني يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! بيشڪ اسلام جا احڪام مون تي گهڻا ٿي ويا، ڪو اهڙو عمل ارشاد فرمايو! جنهن کي مان مضبوطيءَ سان پڪڙي رکان. الله پاڪ جي آخري


 

 



[1]... سبع سنابل، صفحہ:253بتغیر قلیل۔

[2]... وسائلِ بخشش،صفحہ:305۔

[3]... مسندِ امام احمد،  جلد:5، صفحہ:189، حدیث:11971۔