Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

(1)  ذِڪرُ الله    

   ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ سان دل جي ڪٽ دور ٿيندي آهي. حديث شريف ۾ آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ جيئن لوھَ (Iron) تي ڪَٽُ چڙهندي آهي، ائين ئي دليون به ڪٽجي وينديون آهن. عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! دل جي ڪٽ جو علاج ڇا آهي؟ فرمايائون: موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ ۽ ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ. ([1])

کاش لب پر مِرے رہے جاری                          ذِکْر آٹھوں پَہَر ترا یاربَ!

چشمِ تَر اور قلبِ  مُضْطَر دے                                اپنی   اُلفت  کی   مَے   پِلا  یاربّ! ([2])

غافل تي شيطان مقرر  ڪيو  ويندو  آهي

  الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَنۡ یَّعۡشُ عَنۡ ذِکۡرِ الرَّحۡمٰنِ نُقَیِّضۡ لَہٗ  شَیۡطٰنًا  فَہُوَ  لَہٗ  قَرِیۡنٌ (۳۶)  (سيپارو: 25، سورة زُخرف: آيت: 36)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو رحمٰن جي ذڪر کان منهن ڦيري ته اسان ان تي هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيندا آهيون پوءِ اهو ان جو ساٿي رهندو آهي.

   الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: شيطان جي سُونڍ ماڻهوءَ جي دل تي آهي، جڏهن ٻانهو الله پاڪ جو ذڪر ڪندو آهي ته  اهو سُونڍ (Trunk) هٽائي وٺندو آهي ۽ جڏهن ٻانهو الله پاڪ جي ذڪر کان غافل ٿيندو آهي ته شيطان ان جي دل کي گرھ بڻائي وٺندو (يعني وسوسا وجهڻ لڳندو)


 

 



[1]... شُعَبُ الایمان ،جلد:2،صفحہ:353، حدیث:2014۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:79۔