Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

جسماني حقوق ذمي هجن ته انهن جي ادائيگي به لازمي (Compulsory)  آهي.

وہ تو نہایت سَستا سودا، بیچ رہے ہیں جنت کا

ہم مُفْلس  کیا  مَول  چکائیں،  اپنا  ہاتھ ہی  خالی  ہے([1])

وضاحت: الله پاڪ ۽ رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت جو نهايت سَستو سودو ڪري رهيا آهن، افسوس...!! بدلي ۾ ڏيڻ جي لاءِ اسان وٽ ڪو عمل ناهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([2])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

رجبُ المُرجب جا ڪجھ فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! رَجبُ المُرجب جو پيارو مهينو جلواگر ٿي چڪو آهي. هي نهايت بابرڪت مهينو آهي. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:186۔

[2]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔