Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

ڀيرو مڪمل پڙهي ڪري ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ ائين ئي زندگي گذاري ڇڏڻ) جي توفيق نصيب فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

(3):  موت جي ياد

   پيارا اسلامي ڀائرو! دل جي ڪٽ دور ڪرڻ وارو ٽيون نيڪ عمل آهي: موت کي ياد ڪرڻ. جي ها! موت کي ياد ڪرڻ سان به دل جي ڪٽ دور ٿيندي آهي. امام ابنِ ابي دنيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري هڪ عورت حضرت عائشه صدِّيقه، طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ دل جي سختي جي شڪايت ڪيائين. حضرت عائشه صدِّيقه، طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمايو: اَکْثِرِیْ ذِکْرَ الْمَوْتِ يعني موت کي ڪثرت سان ياد ڪندي ڪر!

   ڪجھ ڏينهن کان بعد اها عورت ٻيهر واپس آئي ۽ حضرت عائشه صدِّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو شڪريو ادا ڪيائين(ته مون اوهان جي ٻڌايل نسخي تي عمل ڪيو ته الله پاڪ جو فضل ٿيو، موت جي ياد رنگ لاتو ۽ دل جي سختي دور ٿي وئي).  ([1])

   معلوم ٿيو: موت جي ياد سان دل جي ڪٽ تمام جلدي لهي ويندي آهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته وقفي وقفي سان موت کي ياد ڪندا رهون.

موت جي ياد کان غفلت جو انجام

   حضرت سعيد بن جُبَير، ربيع بن ابو راشِد ۽ ڪيئي بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم فرمائن ٿا: جيڪڏهن هڪ گهڙي جي لاءِ به موت جي ياد دل کان دور ٿي وڃي ته دليون بگڙجي وينديون آهن. ([2])

   الله اڪبر! موت جي ياد گهڙي کَن جي لاءِ دل تان هٽي وڃي ته دل بگڙجي


 

 



[1]... موسوعۃ  امام ابن ابی الدنیا، باب ما یعین ذکر الموت، جلد:5، صفحہ:442، حدیث:156۔

[2]... مجموع رسائل  ابنِ رجب،ذم قسوۃ القلب،جلد:1،صفحہ:265۔