Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

وارو هوندو. ([1])

ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش! خدایا                            اللہ! تلاوت میں مرے دِل کو لگا دے

  اي عاشقانِ رسول! ڏسو! قرآنِ ڪريم الله پاڪ جي مضبوط رسي آهي، جيڪو ان رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي وٺي، قرآنِ ڪريم سان پوري طرح وابسته ٿي وڃي، قرآنِ ڪريم کي دل ۽ جان سان اپنائي وٺي، ڏينهن رات شوق ۽ ذوق سان تلاوت کي پنهنجو معمول بڻائي وٺي اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! قرآنِ ڪريم ان جي ڪردار کي سنواري ڇڏيندو، دل جي ڪٽ دور فرمائي ڇڏيندو، دنيا ۾، قبر ۾، ميدانِ محشر ۾، ميزان تي، پلصراط تي هر جڳھ ان جي حفاظت فرمائيندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته جنّت تائين پهچائي ڇڏيندو.

حالّ مُرۡتَحِلۡ ڇا کي چوندا آهن؟

   ڪاش! اسان کي تلاوت جو شوق نصيب ٿي وڃي. حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! افضل عَمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: توتي لازم آهي ته حالّ مُرۡتَحِلۡ (يعني منزل تي پهچي ڪري وري سفر شروع ڪرڻ وارو) بڻجي وڃين! ان عرض ڪيو: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! حالّ مُرۡتَحِلۡ ڇا آهي؟ فرمايائون: اهو صاحبِ قرآن آهي جيڪو قرآن کي ابتداء کان پڙهڻ شروع ڪندو آهي ۽ آخر تائين پهچي ويندو آهي، جڏهن قرآنِ ڪريم مڪمل ڪري وٺندو آهي ته ٻيهر ابتداء کان شروع ڪندو آهي، جڏهن به اهو پنهنجي منزل تي پهچندو آهي، ٻيهر سفر شروع ڪري ڇڏيندو آهي.  ([2])

   الله پاڪ اسان کي حالّ مُرۡتَحِلۡ بڻجڻ (يعني باربار قرآنِ ڪريم مڪمل ڪرڻ، هڪ


 

 



[1]... ترمذی، کتاب فضائل القرآن، باب:ماجاء فی فضل القرآن، صفحہ:675، حدیث:2906۔

[2]... ترمذی، کتاب القراءت، صفحہ:684، حدیث:2948۔