Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

ڇا ٿا ڏسن ته شيخ ابوالحسن نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ سندن استقبال جي لاءِ تشريف وٺي اچي رهيا آهن، ٻئي ڏاڍو حيران ٿيا ته هي ڇا معاملو آهي؟ ٻلين ته سندن وفات جي خبر ڏني هئي، هي ته زندھ سلامت آهن. شيخ ابو الحسن نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انهن جي حيراني ڏٺي ته پڇيائون: ڇا ڳالھ آهي؟ توهان حيران ڇو ٿي رهيا آهيو؟ درويش ٻلين جي گفتگو جي متعلق ٻڌايو: شيخ ابو الحسن نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   فرمايو: ٻلين سچ چيو آهي. مان گهڙي کَن جي لاءِ ذِڪرُالله کان غافل ٿي ويو هيس، بَس انهيءَ وقت زمين ۽ آسمان ۾ هي اعلان ڪيو ويو ته ابو الحسن وفات ڪري ويا، جِنن ۽ انسانن کانسواءِ تمام مخلوق هي آواز ٻڌو. پوءِ فرمايائون: مون تي غفلت گهڙي کَن جي لاءِ هئي، اَلْحَمْدُ للّٰہ! مون کي ٻيهر ذِڪر جي نعمت نصيب ٿي وئي. ([1])

   اي عاشقانِ رسول! هي آهي ذڪر ۽ هي آهي غفلت...!! ذِڪر ڪرڻ وارو حقيقت ۾ زندھ آهي جڏهن ته غافل ائين آهي جيئن مُئل.

مِرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر                               کر اُلفت میں اپنی فنا یاالٰہی!

عبادت میں   گزرے مِری زندگانی                                 کرم    ہو   کرم    یاخدا!    یاالٰہی! ([2])

ذِڪرُ الله جون مختلف صورتون

   ڪاش! اسان هر گهڙي ذِڪرُ الله ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون. ذِڪرُ الله جون کوڙَ صورتون آهن * مثال طور قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ به ذِڪرُ الله آهي  * الله پاڪ جا پيارا پيارا پاڪ نالا زبان سان ادا ڪرڻ * الله الله چوندو رهڻ  *  یَا رَحْمٰنُ، یَارَحْمٰنُ  جي تسبيح ڪرڻ *  یا غفّارُ، یا غفّارُ ، یَا سَمِیْعُ، یَا سَمِیْعُ چوندو رهڻ هي سڀ الله پاڪ جو ذڪر آهي * الله پاڪ دنيا جوڙي، ان دنيا جي عجائبات


 

 



[1]... مقاصد السالکین، صفحہ:187-188بتغیرقلیل۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔