Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

آهي اهي ئي خنّاس (يعني شيطان) جا وسوسا آهن. ([1])

مَٿَن تي ڪارا  ڪانوَ  ويٺا  هئا

   منقول آهي، هڪ مسلمان جِن حضرت امام ابو القاسم قشيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو دوست هو، هڪ ڏينهن اهي ٻئي مسجد ۾ ويٺا هئا ۽ ماڻهو به موجود هئا، مسلمان جِنّ چيو: اوهان کي ڪجھ نظر اچي رهيو آهي؟ امام قشيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   فرمايو: ها! هي ماڻهو ويٺا آهن، مون کي نظر اچي رهيا آهن. جِنّ چيو: ان کان علاوه ڪجھ نظر نه ٿو اچي؟ فرمايائون: نه. هاڻي مسلمان جِنّ سندن اکين تي هٿ رکيو، پوءِ هٽايو ۽ چيو: هاڻي ڏسو! امام ابو القاسِم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ماڻهن ڏانهن نظر کنئين ته ڇا ٿا ڏسن ته ماڻهن جي مَٿَن تي ڪارا ڪانوَ ويٺا آهن، انهن ڪانوَن جا وڏا واڏ وارَ آهن ۽ هي وارَ ڪنهن جي چهري کي ڍڪي رهيا آهن، ڪنهن جي اکين تائين آهن، ڪنهن جي پيشاني تائين آهن. امام قشيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي عجيب منظر ڏسي ڪري حيران ٿي پڇيو: هي ڇا معاملو آهي؟ سندن جِنّ دوست هيءَ ئي آيت پڙهي:

وَ مَنۡ یَّعۡشُ عَنۡ ذِکۡرِ الرَّحۡمٰنِ نُقَیِّضۡ لَہٗ  شَیۡطٰنًا  فَہُوَ  لَہٗ  قَرِیۡنٌ (۳۶)  (سيپارو: 25، سورة زُخرف: آيت: 36)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو رحمٰن جي ذڪر کان منهن ڦيري ته اسان ان تي هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيندا آهيون پوءِ اهو ان جو ساٿي رهندو آهي.

۽ چيو: هي اهي ئي شيطان آهن جيڪي انهن تي مُسلط (Impose) ڪيا ويا آهن. انهن مان جيڪو غافل (Heedless) ٿيندو آهي، سندن مٿي تي شيطان ڪانءُ جي شڪل ۾ ويهي رهندو آهي، جڏهن اهو ذڪر ڪرڻ لڳندو آهي ته شيطان پري


 

 



[1]... مسندِ ابی یعلیٰ، جلد:3، صفحہ:376، حدیث:4301۔