Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

قريشِ مڪه کي عبادت جو حڪم

سيپارو: 30، سورة قريش، آيت: 1 کان 3 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

لِاِیۡلٰفِ قُرَیۡشٍ ۙ(۱) اٖلٰفِہِمۡ  رِحۡلَۃَ  الشِّتَآءِ  وَ الصَّیۡفِ ۚ(۲) فَلۡیَعۡبُدُوۡا  رَبَّ ھٰذَا الۡبَیۡتِ ۙ(۳)

(سيپارو: 30، سورة قريش، آيت: 1 کان 3)

ترجموڪنزالعرفان:قريش کي الفت ڏيارڻ جي سبب انهن کي سردي ۽ گرمي ٻنهيءَ جي سفر کان مانوس ڪرڻ جي سبب پوءِ انهن کي هن گهر جي ربّ جي عبادت ڪرڻ گهرجي.

   قريش جو قبيلو نهايت فضيلت وارو، نهايت برڪت وارو قبيلو آهي، اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به انهيءَ قبيلي مان آهن، ان ڪري پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي قَرشي چيو ويندو آهي.

   قريش جو قبيلو مڪي پاڪ ۾ آباد هو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت مبارڪ کان پهريان قريش جا مالي حالات تمام ڪمزور هئا، مڪي شريف جي زمين فصل نه ڄمائيندي هئي، ان ڪري انهن جي لاءِ آمدن جا ذريعا تمام محدود هئا، قريش وڏي مشڪل سان گذر بَسر ڪندا هئا، ايستائين جو انهن مان جڏهن ڪنهن وٽ مال ۽ اسباب ختم ٿي ويندو هو ته اهو پنهنجي اهل و عيال کي گڏ وٺي ڪري، ڪنهن ويراني ۾ هليو ويندو هو، اتي خيمو لڳائيندو ۽ ٻارن ٻچن سميت ان خيمي ۾ ويهي رهندو هو، کائڻ پيئڻ جي بغير جيترا ڏينهن اهي ماڻهو زندھ رهي سگهندا ها، ساھ کڻندا رهندا هئا، پوءِ اتي ئي، انهيءَ خيمي ۾ بک اڃ کان تڙپي تڙپي ڪري مري ويندا هئا.

   آخر ڪار انهن تي ڪرم ٿيو: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڏي سائين حضرت هاشم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قريش کي جمع ڪيو، انهن جي لاءِ