Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

سردي جي موسم هئي، والدِ مصطفٰي حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪمبل ويڙهي بازار تشريف کڻي آيا، هڪ فقير جنهن وٽ گرم لباس نه هو، ان عرض ڪيو: هي ڪمبل مون کي ڏيو! اُسَ نڪرندي ته واپس ڪندُس. سندن ڪمبل ان کي ڏيندي فرمايو: هي الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڏيان ٿو، واپس نه ڪجو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه سواءِ گوڏ جي جسم جو سڄو لباس لاهي ڪري ان کي ڏنائون ۽ فرمايائون: ڪمبل تو گهريو هو، هي مان پنهنجي خوشيءَ سان ڏئي رهيو آهيان.

)ابوین مصطفےٰ ، صفحہ:171بتغیر قلیل(

حضرت بِشۡر  حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مبارڪ انداز

   حضرت بِشۡر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو اولياءِ ڪرام جي صف ۾ وڏو نالو آهي، هڪ ڀيري سردي جي موسم هئي، حضرت بِشۡر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن جڳھ تي ويٺا هئا ۽ سرديءَ کان ڏڪي رهيا هئا ۽ سردين وارو گرم لباس به گڏ ئي رکيل هو، ڪنهن عرض ڪيو: سائين! سردي به آهي، اوهان سردي کان ڏڪي به رهيا آهيو، گرم لباس به موجود آهي ته اوهان هي لباس پايو ڇو نه ٿا؟ حضرت بِشۡر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ايمان افروز جواب غور سان ٻڌندا! فرمايائون: اي ڀاءَ! دنيا ۾ غريب تمام گهڻا آهن، مون وٽ ايترو مال ناهي جو مان سڀني کي ڪپڙا ڏئي سگهان، ڇو ته مان سڀني کي گرم لباس پارائي ڪري انهن سان همدردي نه ٿو ڪري سگهان ته پنهنجو گرم لباس لاهي ڪري، سردي محسوس ڪري غريبن سان اظهارِ يَڪجِهتي ڪري رهيو آهيان.

)مرقاۃالمفاتیح، کتاب صوم، جلد:4، صفحہ:385(

غريبن ۾ سَوَڙون تقسيم فرمائيندا هئا

اي عاشقانِ رسول! اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پري پري تائين حاجت مندن جي حاجت پوري فرمائيندا هئا، سردي جي موسم جي شروع ۾ هميشه