Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ڏينهن اسان سان گڏ نه هئا؟ چيائين: بلڪل مان گڏ ئي هيس. فرمايائون: غزوهءِ خيبر جي ڏينهن الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جهنڊو عطا فرمائڻ جي لاءِ مون کي گهرايو، مان حاضر ٿي ويس، ان وقت منهنجي اکين ۾ تڪليف هئي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي اکين ۾ پنهنجو لُعاب مبارڪ وجهي ڇڏيو (جنهن سان منهنجي اکين جي تڪليف بلڪل ختم ٿي وئي،) گڏوگڏ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي حق ۾ دعا ڪئي: اَللّٰهُمَّ اكْفِهِ الْحَرَّ وَالْبَرْدَ ياالهي! علي کي گرمي ۽ سردي کان محفوظ فرماءِ. بس انهيءَ ڏينهن کان مون کي نه سردي لڳندي آهي، نه گرمي لڳندي آهي.

 (مصنف ابن ابی شیبہ ،کتاب :الفضائل،فضائل علی ابن ابی طالب ،جلد:7 ،صفحہ:497،حدیث:17)

اِجابت  کا سہرا   عِنایت   کا    جوڑا                                       دُلہن  بن  کے نِکلی  دُعائے   مُحَمَّد

اجابت نے جُھک کر گلے  سے   لگایا       بڑھی   ناز   سے   جب   دُعائے    مُحَمَّد

(حدائق بخشش،صفحہ: 66 ملتقطًا)

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ڪا موسم بُري ناهي هوندي

 پيارا اسلامي ڀائرو! سردي هجي يا گرمي خزان هجي يا بهار، سڀ موسمون الله پاڪ بڻايون آهن، سڀ ئي سُٺيون آهن، هر موسم جا پنهنجا فائده آهن. هي به الله پاڪ جي ڪمال حڪمت آهي جو ان موسمن جي ورهاست رکي آهي، نه ته ڪمزور انسان ته مشڪل ۾ پئجي وڃن ها، هاڻي ڏسو! ڪجھ مهينا سردي لڳاتار رهندي آهي ته اسان سرديءَ کان پريشان ٿي ويندا آهيون، پوءِ جڏهن گرمي ايندي آهي ته اسان گرمي کان به جلد ئي گهٻرائي ڪري سردين جو انتطار ڪرڻ لڳندا آهيون. جيڪڏهن سڄو سال ئي اهڙي موسم رهي ها ته اسان جو ڇا حال ٿئي ها...؟ جيڪڏهن سڄو سال ئي سردي رهي ها ته سڄو سال ئي گرم