Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

توهان پنهنجي ربّ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمت جو انڪار ڪندؤ؟

 سيپارو: 27، سورة رحمٰن، آيت: 17_ 18 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

رَبُّ الۡمَشۡرِقَیۡنِ وَ رَبُّ الۡمَغۡرِبَیۡنِ (ۚ۱۷) فَبِاَیِّ  اٰلَآءِ  رَبِّکُمَا تُکَذِّبٰنِ (۱۸)  (سيپارو: 27، سورة رحمٰن، آيت: 17_ 18)

ترجموڪنزالعرفان: اهو ٻنهي اوڀرن جو ربّ آهي ۽ ٻنهي اولھن جو ربّ آهي پوءِ توهان ٻئي پنهنجي ربّ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟.

   هڪ گرمين جو مشرق (اوڀَرُ) آهي، هڪ سردين جو مشرق آهي، ايئن ئي هڪ گرمين جو مغرب(اولھ) آهي، هڪ سردين جو مغرب آهي، سج 6 مهينا شمالي (اُترَ واري) دنيا ۽ 6 مهينا جنوبي (ڏکڻ واري) دنيا ۾ هوندو آهي، 21 مارچ کان 23 سيپٽمبر تائين سج شمالي دنيا ۾ هوندو آهي ۽ 23 سيپٽمبر کان 21 مارچ جي دوران سج جنوبي دنيا ۾ هوندو آهي، سج جڏهن شمال ۾ هوندو آهي ته شمالي دنيا (پاڪستان سميت) جي گرمي جي موسم هوندي آهي ۽ جنوبي دنيا وارن جي لاءِ سردي جي موسم، اهڙيءَ طرح سج جڏهن جنوب ۾ هوندو آهي ته شمالي دنيا (پاڪستان سميت) وارن جي لاءِ سردي جي موسم هوندي آهي ۽ جنوبي دنيا وارن جي لاءِ گرمي جي موسم.

)نصابِ  توقیت،صفحہ:179 -180 ملتقطًا(

 ڪيڏو عظيم آهي اهو ربّ...!! جو زمين اهائي، سج جي گرمي اهائي، ڪيميائي مادا به اهي ئي، الله پاڪ صرف سج اڀرڻ ۽ لهڻ جا هنڌ تبديل ڪري