Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ايئن آهي ڄڻ ان سموري انسانيت کي سردي کان بچائي ورتو.

   جن کي الله پاڪ مال ۽ دولت سان نوازيو آهي، جيڪي مختلف موقعن تي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل امّت جي مدد ڪندا رهندا آهن، انهن کي درخواست (Request) آهي ته اهڙن جامعات ۽ مدرسن ۾ پاڻ وڃي ڪري سارَ سنڀارَ لهو، جتي غريب ٻارن کي سردي جي سامان (جهڙوڪ گرم ڪپڙا، جرسي، جيڪٽ، جورابن وغيره) جي ضرورت آهي پر خريد ڪرڻ جي لاءِ پيسا ناهن، انهن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ته هي تمام وڏي نيڪي ۽ ثواب جو ڪم آهي.

    جهڙي طرح اسان جا ٻار پسند ڪندا آهن ۽ مطالبو پڻ ڪندا آهن ته سردين ۾ اسان کي ڊرائي فروٽ (Dry Fruit) گهرجي، ڪڏهن مڇي (Fish) جي فرمائش ٿيندي هوندي، ڪڏهن اُٻريل آنا کارائڻ جو چيو ويندو هوندو، اهڙيءَ طرح غريب ٻارن جي به دل چوندي هوندي ته اهي به هي شيون کائن، پر شايد کوڙ ويچارا غربت جي ڪري دل ۾ ئي حسرت کڻي ڪري سرديون گذاري ڇڏيندا هوندا. پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پوري ڪري الله پاڪ ان جي حاجت پوري ڪندو آهي.  (مسلم، کتاب البر والصلۃ، باب تحریم الظلم، صفحہ:1000، حدیث:2570ملتقطاً)

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسِطے اٹّھیں                              بچانا ظُلم و سِتم سے مجھے سَدا  یارَبّ!

رَہیں   بھلائی کی راہوں   میں   گامزَن ہر دَم   کریں   نہ رُخ مِرے پاؤں   گناہ کا  یارَبّ!

)وسائلِ بخشش،صفحہ:76 -77(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

والدِ مصطفٰي حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ايثار

   والدِ مصطفٰي حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جسم جا ڪپڙا صدقو ڪري ڇڏيا!