Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

گهري رهيو آهي ۽ مان توکي گواھ بڻايان ٿو ته مون ان کي تنهنجي گرميءَ کان پناھ ڏني ۽ جڏهن سخت سردي ٿيندي آهي ته ٻانهو چوندو آهي: لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللہ اڄ ڪيڏي سخت سردي آهي! اي الله پاڪ! مون کي جهنّم جي زَمۡهَرِير کان بچاءِ، الله پاڪ جهنّم کي چوندو آهي: منهنجو ٻانهو مون کان تنهنجي زَمهرير کان پناھ گهري رهيو آهي ۽ مان تنهنجي زَمهرير کان ان کي پناھ ڏني. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو: جهنّم جي زَمهرير ڇا آهي؟ فرمايائون: اها هڪ کاهي آهي جنهن ۾ ڪافر کي اڇلايو ويندو ته سخت سرديءَ سان ان جو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو.

)عمل الیوم و اللیلۃ الابن السُنّی،باب:ما يقول اذا كان يوم شديد الحرِ ،صفحہ:189 ، حدیث:306(

سرديءَ ۾ جهنّم جي ياد آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! سرديون اچي چڪيون آهن سردي هجي يا گرمي يقيناً هر موسم پنهنجي اندر عبرت ۽ نصيحت جا مدني گلَ کڻي ايندي آهي. خاص ڪري سردي ۽ گرمي اسان کي جهنّم جي ياد ڏياريندي آهي ته جهنّم جي باھ نهايت گرم آهي، اهڙيءَ طرح جهنّم جي هڪ وادي آهي، جنهن کي زمهرير چوندا آهن، جهنّم جي ان وادي ۾ ٿڌ جو عذاب هوندو، اتي ايڏي سخت سردي هوندي جو جنهن کي ان واديءَ ۾ وڌو ويندو، سرديءَ جي سبب سندس جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. الله اسان کي جهنّم جي باھ کان ۽ ان جي ٿڌ کان محفوظ فرمائي.

بهرحال! سردي جي موسم ۽ گرمي جي موسم ۾ جهنّم جي ياد آهي. بخاري شريف حديث نمبر 537 ۽ 538 ۾ آهي: جهنّم پنهنجي ربّ وٽ شڪايت ڪئي ته منهنجي ڪجھ جُزن (Parts) ڪجھ جُزن کي کائي ڇڏيو، ته ان کي ٻه ڀيرا ساھ جي اجازت ڏني وئي، هڪ سرديءَ ۾، هڪ گرمي ۾. هيءَ اها ئي گرمي ۽ ٿڌ آهي جنهن کي توهان محسوس ڪندا آهيو ۽ بخاري شريف جي هڪ روايت ۾