Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

  پاڪ آهي اهو رب جنهن وڻن ۾ اسان جي لاءِ باھ ڀڙڪائڻ جو ٻارڻ پيدا فرمائي ڇڏيو، اڄڪلھ ته الله پاڪ جي ڪرم سان ٻارڻ حاصل ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ ذريعا معلوم ٿي ويا آهن، ڪوئلو، گيس، تيل: انهن جي ذريعي اسان آسانيءَ سان باھ ٻاري ڪري پنهنجي ضرورت پوري ڪري وٺندا آهيون. هي الله پاڪ جون ڪيڏيون عظيم نعمتون آهن.

گرم  پاڻيءَ جي باري ۾ به پڇيو ويندو

   اي عاشقانِ رسول! هي سڀ الله پاڪ جون نعمتون آهن جو سردين ۾ اسان کي نصيب ٿينديون آهن. قيامت جي ڏينهن انهن نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو. الله پاڪ جو ارشاد آهي:

ثُمَّ لَتُسۡـَٔلُنَّ یَوۡمَئِذٍ عَنِ النَّعِیۡمِ (۸)  (سيپارو: 30، سورة تڪاثر: آيت:8)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ بيشڪ ضرور ان ڏينهن توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.

  عالم سڳورا فرمائن ٿا: سردين ۾ اسان جيڪو گرم پاڻي استعمال ڪندا آهيون: هي به الله پاڪ جي نعمت آهي، قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ به سوال ٿيندو. )الغریب القرآن لابن  قتیبہ،صفحہ:5(

  اسان تي لازم آهي ته اسان الله پاڪ جي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪندي، الله پاڪ جي خوب خوب عبادت ڪندا ڪريون.

میں بے کار باتوں سے بچ کے ہمیشہ       کروں تیری حمد و ثنا  یاالٰہی!

)وسائلِ بخشش،صفحہ:105(