Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

هڪ نفل روزو رکيو، ان جي لاءِ جنّت ۾ هڪ وڻ لڳايو ويندو جنهن جو ميوو ڏاڙهون کان ننڍو ۽ صوف کان وڏو هوندو، اهو ماکيءَ جيان مٺو ۽ مزيدار هوندو، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن روزيدار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو. )معجم کبیر، جلد:18، صفحہ:366، حدیث:935( (3): حضرت ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مون کي اهڙو عمل ٻڌايو جنهن جي سبب جنّت ۾ داخل ٿي وڃان. فرمايائون: روزي کي پاڻ تي لازم ڪيو ڇوته ان جي مثل ڪو عمل ناهي. )صحیح ابن حبان،جلد:5،صفحہ:179،حدیث:3416(

سردين ۾ رات جو قيام ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! سردين ۾ راتيون وڏيون هونديون، هن مان به فائدو وٺڻ گهرجي، حضرت عُبيد بن عمير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن سردي ايندي آهي ته اهلِ قرآن کي چيو ويندو آهي توهان جي لاءِ رات وڏي ٿي وئي (لهٰذا راتين جو اٿي ڪري خوب تلاوت ڪندا ڪريو!).

)مصنف ابن ابی شیبہ ،کتاب:الصیام،باب :ما قالوا فی الصوم فی الشتاء،جلد:2 ،صفحہ:511 ،حدیث:3(

قيامُ الليل جا فضائل

 (1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رات جي قيام کي پنهنجي مٿان لازم ڪيو ڇوته هي توهان کان پهريان صالحين جو طريقو ۽ توهان جي ربّ جي قربت جو ذريعو آهي ۽ گناھن کي مٽائڻ ۽ گناھن کان بچائڻ جو سبب آهي. )ترمذی، کتاب الدعوات، باب فی دعاء النبی، صفحہ:812،حدیث:3549( (2): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: منهنجي مسجد ۾ هڪ نماز پڙهڻ 10 هزار نمازن جي برابر آهي ۽ مسجدِ حرام ۾ نماز پڙهڻ هڪ لک نمازن جي برابر آهي انهن سڀني کان وڌيڪ فضيلت رکڻ واري نماز ٻانهي جون اهي ٻه رڪعتون آهن جن کي ٻانهو رات جي وچين حصي ۾ رضاءِ الهيءَ جي لاءِ پڙهندو آهي. )الترغیب والترہیب، کتاب النوافل، الترغیب فی قیام اللیل، صفحہ:208، حدیث:22  ((3): صحابيءِ