Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

سرديون ڪيئن گذاريون؟

(2):رات جو قيام ۽ ڏينهن جو روزو

   هڪ ٻئي مقام تي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سرديءَ جي موسم مومن جي لاءِ موسمِ بهار آهي جو هن ۾ ڏينهن ننڍا هوندا آهن ته مومنَ هن ۾ روزا رکندا آهن ۽ هن جون راتيون وڏيون هونdيون آهن ته اهي هن ۾ قيام ڪندا (يعني نوافل وغيره پڙهندا) آهن.

)شعب  الایمان،جلد:3،صفحہ: 416، حدیث:3940(

جنّتي صحابي، حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه سردي جي موسم اچڻ تي فرمائيندا هئا: سرديءَ کي ڀليڪار، هن ۾ الله پاڪ جي رحمت نازل ٿيندي آهي جو رات جو جاڳڻ واري جي لاءِ هن ۾ راتيون وڏيون ۽ روزيدار جي لاءِ ڏينهن ننڍو هوندو آهي.

)مسندِ فردوس،جلد:4،صفحہ:164،حدیث:6513(

ٿڌي غنيمت

   پيارا اسلامي ڀائرو! سردي مومن جي موسمِ بهار آهي، هن ۾ ڏينهن ننڍا آهن: لهٰذا روزا رکڻ آسان هوندو آهي. الحمد لله! سرديون تشريف کڻي اچي چڪيون آهن: خوب نفل روزا رکو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سردي جا روزا ٿڌي غنيمت آهن. )ترمذی،کتاب:الصوم،باب :ما جاء فی الصوم فی الشتاء،صفحہ:219،حدیث:797(

نفل روزن جي فضائل تي 3 حديثون

 (1): حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن ثواب جي اميد رکندي هڪ نفل روزو رکيو، الله پاڪ ان کي دوزخ کان 40 سال (جي مسافت جي برابر) دور فرمائي ڇڏيندو.جمع الجوامع، جلد:7، صفحہ:190، حدیث:22251( (2): معجمِ ڪبير جي روايت ۾ آهي: جنهن