Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

سردي ۽ گرمي جو احساس ئي نه ٿيندو هو

  عبدُالرحمٰن بن ابو ليلٰي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المُرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عادت مبارڪ هئي ته پاڻ سخت سرديءَ جي ڏينهن ۾ سنها ڪپڙا پائيندا ۽ سخت گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٿلها (يعني گرم) ڪپڙا پهريندا هئا. هي ڏسي ڪري ماڻهن کي وڏو تعجب ٿيندو هو، هڪ ڏينهن ماڻهن مون کي(يعني حضرت عبدُالرحمٰن بن ابوليلٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه) کي چيو: اوهان پنهنجي والد صاحب جي ذريعي اميرُ المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان ان جي حڪمت معلوم ڪيو! جيئن ته منهنجا والد صاحب جڏهن رات جو اميرُ المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سامهون ماڻهن جي تشويش بيان ڪئي. ان تي مسلمانن جي چوٿين خليفي اميرُ المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: اي ابو ليلٰي! ڇا اوهان خيبر جي


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔