Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

  پوءِ غور فرمايو! هي گرم لباس اسان کي حاصل ڪيئن ٿيندا آهن؟ يا ته چمڙي مان ٺهندا آهن يا اون مان. هي اون ۽ چمڙو ڪٿان ايندو آهي؟ ڍڳي، مينهن، ٻڪري ۽ رڍ وغيره جانورن مان حاصل ٿيندو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ الۡاَنۡعَامَ خَلَقَہَا ۚ         لَکُمۡ فِیۡہَا دِفۡءٌ  وَّ  مَنَافِعُ وَ مِنۡہَا  تَاۡکُلُوۡنَ (۵)  (سيپارو: 14، سورة نحل، آيت:5)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان چوپايا پيدا ڪيا ان ۾ توهان جي لاءِ گرم پوشاڪ ۽ ٻيا کوڙ نفعا آهن ۽ انهن مان توهان (کاڌو) به کائو ٿا.

هو  ڪيڏو عظيم ربّ آهي، جنهن دنيا جي سموري مخلوقَ کي اَشْرَفُ الْمَخْلوقات جي فائدي ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. هي به اسان جي ربِّ ڪريم جون ڪيڏيون عظيم نعمتون  آهن....!!

فَبِاَیِّ  اٰلَآءِ  رَبِّکُمَا تُکَذِّبٰنِ (۱۸)  (سيپارو: 27، سورة رحمٰن: آيت: 18)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ توهان ٻئي پنهنجي ربّ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟

باه   جي  پيدائش به  نعمت آهي

   اسان سردين ۾ گرمائش حاصل ڪرڻ جي لاءِ باھ ٻاريندا آهيون، هي به الله پاڪ جي نعمت آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اَفَرَءَیۡتُمُ النَّارَ الَّتِیۡ تُوۡرُوۡنَ (ؕ۷۱) ءَاَنۡتُمۡ اَنۡشَاۡتُمۡ شَجَرَتَہَاۤ  اَمۡ نَحۡنُ الۡمُنۡشِـُٔوۡنَ (۷۲) نَحۡنُ جَعَلۡنٰہَا تَذۡکِرَۃً  وَّ مَتَاعًا لِّلۡمُقۡوِیۡنَ(ۚ۷۳)  (سيپارو: 27، سورة واقعه:  آيت: 71 کان 73)

ترجمو ڪنزالعرفان:  پوءِ ڀلا ٻڌايو ته اها باھ جيڪا توهان روشن ڪريو ٿا ڇا توهان ان جو وڻ پيدا ڪيو يا اسان ئي پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟ اسان ان کي يادگار بڻايو ۽ جهنگ ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ فائدي مند بڻايو.