Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

(3): سردي ۾ وضو ڪرڻ جا فضائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! سردي جي موسم هجي، تمام گهڻي ٿڌ پئجي رهي هجي، ماڻهو گرم بستري مان اٿي، سخت سرديءَ ۾ ٿڌي پاڻي سان وضو ڪري، يقيناً مشڪل ته ٿيندي آهي، نفس سُستي ته ڏياريندو آهي پر اهو ئي ته امتحان آهي، جيڪڏهن اسان ٿوري تڪليف ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڏو ثواب نصيب ٿي ويندو. (1): معجمِ اوسط ۾ آهي: جنهن سخت سردي ۾ ڪامل وضو ڪيو ان جي لاءِ ثواب جا ٻه حصا آهن. )معجمِ اوسط،جلد:4،صفحہ:106 ،حدیث:5366( (2): هڪ روايت آهي: مشقت (Struggle) جي وقت وضو ڪرڻ واري کي قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ نصيب ٿيندي.

)اتحاف الخیرہ  ،جلد:10،صفحہ:385، حدیث: 10100(

اڳيان پويان گناه  معاف

  مسلمانن جو ٽيون خليفو حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ سردي جي رات ۾ نماز جي لاءِ وڃڻ جو ارادو فرمايو ته وضو جي لاءِ پاڻي گهرايائون پوءِ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو چهرو ۽ ٻئي هٿ ڌوتائون، غلام عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان کي ڪفايت ڪري رات ته تمام ٿڌي آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: مون پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو آهي ته جيڪو ٻانهو ڪامل وضو ڪري ان جا اڳيان پويان گناھ معاف ڪيا ويندا آهن.

(مسندِ بزّار،جلد:2،صفحہ:76 ،حدیث:422)

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جي لاءِ تمام آسانيون آهن: اسان جي گهرن ۾، مسجدن ۾ هيٽر لڳل آهن، گيزر لڳل آهن، وضو جي لاءِ گرم پاڻي جي سهولت هوندي آهي، اسان هيٽر وغيره جي ذريعي گرمائش حاصل ڪري وٺندا آهيون. ٿورو غور فرمايو! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم دين جي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪندا هئا، غزوهءِ احزاب يعني غزوهءِ خندق سردين ۾ پيش آئي،