Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

لَاشِریک جي عبادت ڪندا ڪن.

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ                        گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                           کر اِخلاص ایسا عطا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                       کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی!

گرمي  ۽  سردي جون جدا جدا نعمتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان غور ڪيون! الله پاڪ اسان کي سردين ۽ گرمين جون جدا جدا نعمتون عطا فرمايون آهن، سردين جو واپار الڳ آهي، گرمين جو واپار الڳ آهي، هاڻي جيئن سرديون اچي چڪيون آهن: بازار هليا وڃو: گرم لباس (جرسي، سويٽر، شالز وغيره) جا دڪان نظر ايندا، ڪو گاڏو لڳائي بيٺو هوندو، ڪٿي ڊرائي فروٽ جا دڪان هوندا، ڪٿي سردين جا ميوا فروخت ٿي رهيا هوندا، ايئن ئي گرمين ۾ گرمين وارو لباس، گرمين جا گلَ، سبزيون وغيره فروخت ٿي رهيون هونديون آهن.

  هي الله پاڪ جون ڪهڙيون عظيم نعمتون آهن...!! سردين ۾سردي جي ضرورت جون شيون آسانيءَ سان ملي وينديون آهن، گرمين ۾ گرم موسم جون ضرورتون ملي وينديون آهن، دڪاندار سردي گرمي جون جدا جدا شيون وڪڻي ڪري پنهنجو رزق ڪمائيندا آهن، گِراهڪَ حضرات هي شيون خريد ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري وٺندا آهن. قريش جي دلين ۾ سردي ۽ گرمي جي جدا جدا تجارت جي رغبت وڌي وئي ته انهن کي حڪم ٿيو:

فَلۡیَعۡبُدُوۡا  رَبَّ ھٰذَا الۡبَیۡتِ ۙ(۳)  (سيپارو: 30، سورة قريش: 3)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن کي هن گهر جي ربّ جي عبادت ڪرڻ گهرجي.

ته غور فرمايو! اسان کي به ته اسان جي ربِّ ڪريم سردي گرمي جون جدا جدا نعمتون عطا فرمايون آهن: پوءِ اسان جو به ته حق بڻجي ٿو ته اسان به پنهنجي