Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

حضرت شيخ ابوبڪر شبلي بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي وفات کان بعد خواب ۾ ڏٺو ويو ته پاڻ فرمايائون: الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاھ ۾ بيهاري ڪري ارشاد فرمايو: توکي معلوم آهي مون توکي ڇو بخشيو؟ (پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا): مان پنهنجا اهي نيڪ اعمال ياد ڪرڻ لڳس جيڪي بخشش جو ذريعو بڻجي سگهيا ٿي، ته الله پاڪ ارشاد فرمايو: مون انهن اعمال مان ڪنهن عمل جي سبب تنهنجي بخشش ناهي فرمائي. مون عرض ڪيو: اي منهنجا پيارا الله! پوءِ تو ڪهڙي سبب منهنجي مغفرت فرمائي؟ ارشاد فرمايو: هڪ ڀيري بغداد جي گهٽيءَ مان گذري رهيو هئين ته تو هڪ ٻلي کي ڏٺو جنهن کي سردي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو تو ان تي ترس کائيندي ان کي پنهنجي جُبي (يعني ڪپڙن) ۾ لِڪائي ورتو هو ته جيئن اها سردي کان بچي وڃي لهٰذا ٻليءَ تي رحم جي ڪري اڄ مون توتي رحم فرمايو آهي.  (حیاۃ الحیوان الکبریٰ،جلد:2،صفحہ:522)

(5):  سردي جي موسم ۾ احتياط ڪيو!

  جڏهن سردي ايندي آهي ته مسلمانن جو ٻيو خليفو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ماڻهن کي نصيحت فرمائيندا هئا ته بيشڪ سردي اچي چڪي آهي ۽ اها توهان جي دشمن آهي، توهان اون جا ڪپڙا، بند جوتن ۽ جورابن جي ذريعي سردي کان بچڻ جو اهتمام ڪري وٺو! وڌيڪ فرمائن ٿا: سردي جسم ۾ جلدئي داخل ٿيندي آهي ۽ دير سان نڪرندي آهي.  (لطائف المعارف،صفحہ:440ملتقطاً)

اي عاشقانِ رسول! زندگي انمول نعمت آهي، پنهنجي حفاظت ڪرڻ به ضروري آهي، تنهنڪري سردي جي موسم ۾(1): ٿلهن جورابن، مُوزن ۽ بند جوتن جو استعمال ڪيو (2): (ٿي سگهي ته ديسي) اُٻريل آنا استعمال ڪيو. (ضرورت پوڻ تي ڊاڪٽر جي مشوري جي مطابق) (3): ممڪن هجڻ جي صورت ۾ اُسَ ۾ ويهو (4): نزلو، زڪام