Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

سردي ۾ چادر ويڙهڻ جون احتياطيون

اي عاشقانِ رسول! سردي ۾ نماز ۾ چادر ويڙهڻ جون ڪجھ احتياطيون هي آهن: * نماز ۾ مٿي يا ڪلهي تي هن طرح چادر يا رومال وغيره رکڻ جو ٻئي ڪنارا لٽڪندا هجن مڪروھِ تحريمي آهي * ها! جيڪڏهن هڪ ڪنارو ٻئي ڪلهي تي رکي ڇڏيو ۽ ٻيو لٽڪي رهيو آهي ته حرج ناهي * اڄ ڪلھ ڪجھ ماڻهو هڪ ڪلهي تي هن طرح رومال رکندا آهن جو ان جو هڪ ڪنارو پيٽ تي لٽڪي رهيو هوندو آهي ۽ ٻيو پُٺيءَ تي هن طرح نماز پڙهڻ مڪروھِ تحريمي آهي.

)نماز کے احکام ، صفحہ:247-248(

موٽر سائيڪل هلائيندي چادر جي حفاظت ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! سردين ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ وقت پنهنجي چادر وغيره جو خاص خيال رکو! اهڙا ناخوش واقعات پيدا ٿي سگهن ٿا جنهن سان توهان جون قيمتي جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون، صرف ٿوري لاپرواهي توهان جي لاءِ وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، ٿورو احتياط توهان جي قيمتي جان جي لاءِ نهايت ضروري آهي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو

اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي ذهن ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪيون ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو. ذيلي حلقن جي 12 ديني